لاهور(معظم فخر) ملڪ رياض عمران خان جي حمايت ۽ اسٽيبلشمنٽ جي کليل مخالفت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ۽ صحافت ، بيوروڪريسي ۽ عدليه ۾ موجود پراڪسيز کي سپورٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ملڪ رياض جو ٽوئٽ ڏسي نوازشريف جو ڪاڪڙ فارمولي دوران خطاب ۽ استعفيٰ ياد اچي ٿي.ملڪ رياض چوي ٿو ته جيترو به ظلم ٿئي گواهي نه ڏيندس. سو هو چٽو آهي ته عمران خان سان بيهي ٿو. پاڪستان اندر ملڪ رياض خلاف عدالتي در کڙڪائيندڙ وڪيل پاران دبئي ۾ به سندس خلاف قانوني ڪارروائي جو اعلان ڪيو ويو آهي 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ عدالت ڪجهه اهڙا سوال اٿاريا آهن جنهن جي ڪري نيب کي سرگرم ٿيڻو پيو آهي.سو هتي اي کان زيڊ تائين اينڪر پرسن ملڪ رياض جا واٺا آهن ۽ جاويد چوڌري جهڙا سندس پي آر او رهيا آهن. ۽ جاويد چوڌري کيس ڪالم لکي ڏيندو هيو جيڪي روزاني جناح ۾ ڇپبا هئا. مهر بخاري ۽ مبشر لقمان جو ٽي وي شو به سڀني کي ياد هوندو. ملڪ رياض رياست کي چيلينج ڪيو آهي. ملڪ رياض جي نالي ملڪ اندر نا ڪا پراپرٽي آهي نه وري ڪو بينڪ اڪائونٽ آهي. هڪ پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڏيڻ جي دعويٰ به ڪندو آهي پر ان جي پاڪستان اندر ڪا به پراپرٽي ناهي. عدالت چوندي آهي ملڪ رياض جي پراپرٽي ضبط ڪريو ته سڀ کاتا وڃي عدالت کي ٻڌائيندا آهن ته ملڪ رياض جي پاڪستان اندر ڪا به پراپرٽي موجود ناهي.