اسلام آباد(اعزاز سيد+آصف بشير چوڌري) ملڪ رياض خلاف خبر هلائڻ تي صحافي گذريل ڏينهن مونجهاري جو شڪار رهيا، فوجي اسٽيبلشمينٽ زور ڏنو ته دبئي پراجيڪٽ خلاف نيب جي پريس رليز ميڊيا من و عن هلائي جڏهن ته ميڊيا مالڪن پنهنجي اينڪرن،عملي کي روڪيو ته اهڙي خبر نه هلايو،اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته نيب جو سربراهه محسن بٽ دبئي وڃي ملڪ رياض سان ملاقاتون ڪندو رهيو آهي،اطلاعن مطابق هن ملڪ رياض سان ”پنهنجي ڊيل “ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي،اهو به سوال آهي ته ملڪ رياض نيب سميت ٻين ادارن جي نڪ هيٺيان زمينن تي قبضا ڪندو رهيو ان وقت ادارا ڪٿي هئا؟ملڪ رياض ننڍپڻ ۾ چانهه جو اسٽال لڳائي گذرسفر ڪندو هو،پوءِ هن پنڊي ۾ ٺيڪيداري شروع ڪئي،هن کي جلدي هڪ ڳالهه جي خبر پئجي وئي ته پئسو ٺاهڻ لاءِ فوجي آفيسرن جي حمايت ضروري آهي.