ابو ظهبي (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن ۾ اسڪولن جي شاگردن ۽ عملي کي 9 ڏينهن موڪلون ملي ويون.
پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل عرب امارتن ۾ ”مڊ ٽرم بريڪ“ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جيڪا 10 کان 14 فيبروري تائين هوندي.
موڪلون ته رڳو 5 ڏينهن آهن پر مجموعي طور تي 9 موڪلون گڏ ملنديون، ڇو ته ٻه ڀيرا هفتيوار ٻه ٻه موڪلون گڏ ملي رهيون آهن.
8 ۽ 9 فيبروري تي اسڪولن ۾ هفتيوار موڪل هوندي، جڏهن ته 10 فيبروري سومر کان 14 فيبروري جمعي تائين مڊ ٽرم موڪلون هونديون، جنهن کانپوءِ 15 ۽ 16 فيبروري تي وري هفتيوار موڪلون اينديون.
اهڙي ريت اسڪول 8 کان 16 فيبروري تائين بند رهندا.
You might also like