ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمن هوائي فائرنگ، لغڙ اڏائڻ ۽ ون ويلنگ کي غير شرعي قرار ڏيندي چيو آهي ته اهي عمل جيڪي زندگي خطري ۾ وجهن غير شرعي آهن.
عالمن هوائي فائرنگ، لغڙ اڏائڻ ۽ ون ويلنگ جي حوالي سان فتويٰ جاري ڪري ڇڏي، جنهن ۾ انهن سڀني عملن کي غير شرعي قرار ڏنو ويو آهي.
فتويٰ ۾ عالمن چيو آهي ته اسلام انساني جانين جي حفاظت کي پهرين ترجيح ڏئي ٿو، هوائي فائرنگ، لغڙ اڏائڻ ۽ ون ويلنگ جهڙا ڪم آپگهات جهڙا آهن.
فتويٰ ۾ چيو ويو آهي ته اهو هر عمل جيڪو زندگي کي خطري ۾ وجهي غير شرعي آهي، اهڙا عمل اسلام ۾ سخت منع آهن.
Prev Post
You might also like