اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته اسان کي جڊيشل ڪميشن تي نه پر انهن جي حرڪتن تي اعتراض آهي.
پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته 2013 جي چونڊن ۾ 35 پنڪچر کان وٺي فارم 47 تائين سڀ ڪجهه جڊيشل ڪميشن ۾ آڻيو، ڪميشن ۾ سڀ ڌرڻا به اچي وڃن، 9 مئي ۽ 26 نومبر به شامل ٿئي.
هن چيو مان کوڙ دفعا چيو آهي ته جڊيشل ڪميشن تي اعتراض ناهي، اهي اڄ 9 مئي ۽ 26 نومبر جي ڪميشن گهري رهيا آهن، جڏهن ته 9 مئي جو مسئلو حل ٿي چڪو آهي.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ تي اعتبار ڪرڻ ڏکيو آهي، مان ڳالهين جي حق ۾ آهيان پر ڳالهيون اهڙي نوٽ تي ختم ٿيڻ گهرجن، جنهن سان پي ٽي آءِ تي اعتبار ڪري سگهجي، پي ٽي آءِ باني تي اعتبار نٿو ڪري سگهجي.
You might also like