اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڪيورٽي فورسز وڏي ڪارروائي ڪندي افغانستان مان هٿيار پاڪستان سمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.
سڪيورٽي ذريعن موجب فورسز 8 جنوري تي غلام خان بارڊر ٽرمينل تي هٿيار سان ڀريل ٽرڪ پنهنجي قبضي ۾ وٺي پرڏيهي هٿيارن جي وڏي کيپ هٿ ڪري ورتي.
ذريعن ٻڌايو ته ٽرڪ مان جديد طرز جا پرڏيهي هٿيار ۽ ميگزين برآمد ٿيا، جنهن ۾ 26 ايم-16 رائفلونم ايم-4 رائفلن جون 292 ميگزين ۽ 10 هزار کان وڌيڪ گوليون شامل آهن.
ذريعن موجب، پڪڙيل هٿيارن ۾ ڪلاشنڪوف جون 9 ميگزين ۽ 244 گوليون ۽ لائيٽ مشين گن جون 744 گوليون به شامل آهن.
سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته هٿ ڪيل هٿيار ٽرڪ ۾ ڊرائيور جي ڪيبن ۾ ڳجهي جاءِ تي لڪايا ويا هئا، ٽرڪ ۾ هٿيارن لاءِ ڪمپارٽمنٽ ۽ پيڪنگ افغانستان ۾ ڪئي وئي، اهي هٿيار ۽ گولابارود پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻا هئا.
سڪيورٽي ذريعن ٻڌايو ته ڪيئي ڀيرا فتنه الخوارج وارن خارجين وٽان پرڏيهي هٿيار برآمد ٿيا آهن.
You might also like