ڪامران ٽيسوري سان ڪينيڊين پوليس ڪرڪيٽ ڪلب جي صدر ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جي ملاقات

ڪراچي (پ ر) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان ڪينيڊين پوليس ڪرڪيٽ ڪلب جي ٽيم چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر عامر شمشي جي اڳواڻي ۾ گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي.
ان موقعي تي ڪينيڊين پوليس ڪرڪيٽ ڪلب جو صدر منصور احمد ۽ ٽائم فريم جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر فرقان صديقي پڻ موجود هئا.
ملاقات ۾ ڪرڪيٽ جي بهتري، امن امان برقرار رکڻ ۾ پوليس جي ڪردار ۽ مثبت سرگرمين سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
گورنر چيو ته هو ڪينيڊين پوليس ڪرڪيٽ ڪلب جي ٽيم کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار ڪري ٿو.
ڪينيڊين پوليس ڪرڪيٽ ڪلب جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر عامر شمشي گورنر سنڌ کي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ ميچون کيڏي چڪا آهيون، هاڻي لاهور ۽ اسلام آباد پوليس سان به ميچون کيڏيون وينديون.
ڪينيڊين ڪرڪيٽ ٽيم جو چوڻ هو ته پاڪستان اچي تمام گهڻي خوشي ٿي، هتي جا ماڻهو مهمان نواز آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.