سينيٽ ڪميٽي پاران گاڏيون خريدڻ کان روڪڻ تي ايف بي آر جو ” آرڊر ڏئي چڪا آهيون“ جو جواب، اِها بدمعاشي آهي: واوڊا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي اربين رپين جي ماليت جون هڪ هزار کان وڌيڪ گاڏيون خريدڻ تي ايف بي آر اختيارين تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي گاڏين جي خريداري روڪڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
سينيٽر سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ سينيٽ جي ناڻي بابت ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪميٽي ايف بي آر طرفان 1010 گاڏين جي خريداري جو نوٽيس ورتو ۽ اربين رپين جون هڪ هزار گاڏيون خريدڻ واري فيصلي تي ايف بي آر اختيارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ گاڏين جي خريداري روڪڻ جي هدايت ڪئي.
ڪميٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا جو چوڻ هو ته ايف بي آر هڪ هزار کان مٿي گاڏيون ڇا لاءِ خريدي رهي آهي، جنهن ناڻي کاتي جي اختيارين ٻڌايو ته اِهي گاڏيون فيلڊ آفيسرن لاءِ خريد ڪيون پيو وڃن.
ڪميٽي چيئرمين پڇيو ته پهريان فيلڊ آفيسر ٽيڪس وٺڻ سائيڪل تي ويندا هئا جڏهن ته سينيٽر فيصل واوڊا جو چوڻ هو ته ايف بي آر مخصوص ڪمپنين کان گاڏيون خريدي رهي آهي، کانچي وارو معاهدو ڪيو پيو وڃي ان کان وڏو ٻيو ڪهڙو اسڪينڊل هوندو، هي تمام وڏو اسڪينڊل آهي.
فيصل واوڊا چيو ته ڇا ايف بي آر جو ٽيڪس شارٽ فال پورو ڪرڻ لاءِ گاڏيون خريد ڪيون پيون وڃن، في الحال خريداري روڪي وڃي بعد ۾ ڪمپٽيشن ذريعي خريداري جي ڳالهه ڪئي وڃي.
هن چيو ته خريداري نه روڪي وئي انتهائي وڏو ڪرپشن اسڪينڊل ٿيندو، ايف بي آر پهريان رينيو شارٽ فال پورو ڪري پوءِ گاڏيون خريد ڪري اسان حمايت ڪنداسين.
ايف بي آر عملدارن ڪميٽي کي ٻڌايو ته هو 1010 گاڏين جي خريداري جو آرڊر ڏئي چڪا آهن، جنهن تي فيصل واوڊا چيو ته بدمعاشي ڏسو ايڏو جلدي خريداري جو آرڊر به ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.