پشاور (ويب ڊيسڪ) عوامي نيشنل پارٽي جي مرڪزي صدر ايمل ولي خان چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جي گرفتاري تي پارو وڌڻ ڏيو، گند کي صاف ٿيڻ ڏيو.
صحافين سان ڳالهائيندي ايمل ولي خان چيو ته ڪرم ۾ آپريشن مسئلي جو حل ناهي، گند صاف ڪيو وڃي، ماضي جي آپريشنز جا نتيجا هاڪاري هجن ته پوءِ ڪرم آپريشن جا نتيجا به هاڪاري هوندا.
هن چيو ته تحريڪ انصاف حقيقت نه پر پراجيڪٽ هو، جنهن جي پويان اولهه ايجنڊا آهي، ڀلي اها آمريڪي ڪانگريس هجي يا اسرائيلي اخبارون، سڀ ڪجهه سامهون اچي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته اهي ٽن صوبن جي چونڊن کي تسليم نٿا ڪن پر چون ٿا ته خيبر پختونخواهه ۾ چونڊون صاف ۽ شفاف ٿيون.
You might also like