ناقص طرز زندگي ۽ غير معياري کاڌ خوراڪ جي ڪري ڪيتريون ئي خطرناڪ بيماريون اڄڪلهه عام بڻجي ويون آهن. وڌيل ڪوليسٽرول بلڊ پريشر ۽ دل جي دوري جو سبب بڻجي ٿو. شگر نه رڳو ملڪ پر دنيا ۾ تيزيءَ سان وڌندي پئي وڃي ٻنهي مسئلن جي ڪري ساهه منجهڻ يا دم جا مسئلا به وڌي ويا آهن جيڪي هلي هلي خطرناڪ صورت اختيار ڪري وڃن ٿا.
يورڪ ايسڊ جو به مسئلو مردن توڙي عورتن ۾ وڏي تيزيءَ سان وڌي ويو آهي جنهن جي ڪري سنڌن جو سور، هٿ پير سُن ٿيڻ جهڙا مسئلا عام ٿيندا پيا وڃن.
ڪوليسٽرول، شگر، سهڪي، بلڊ پريشر ۽ يورڪ ايسڊ پنج اهڙيون بيماريون آهن جيڪي تقريبن هر گهر جو عام مسئلو بڻجي ويون آهن.
انهن مسئلن جي ڪري دماغ جي رڳ ٽٽڻ ۽ دل جي دوري سبب ڪيتريون ئي زندگيون ضايع به ٿي چڪيون آهن ۽ ضايع ٿيڻ جاري به آهن.
پر پريشان ٿيڻ جي ضروت ناهي انهن سڀني مسئلن جو حَل تمام سولو ۽ معمولي آهي جيڪڏهن ڪير ڪري ته.
ان لاءِ ڳو هڪ چمچو ڪلونجي ۽ هڪ چمچو هرٻي جو ٻج رات جي وقت پاڻيءَ ۾ پسائي رکڻو آهي.
صبح ٿيڻ تي اهو پاڻي نيراني پيئڻو آهي ۽ اهي ٻئي ٻج به کائي ڇڏڻا آهن.
روزاني نيراني ائين ڪرڻ سان ٿوري ئي ڏينهن ۾ نه رڳو جسماني طاقت ۽ ڦڙتي وڌائي سگهجي ٿي پر جسم کي انهن پنج مسئلن سميت ٻين بيمارين سان مقابلو ڪرڻ لاءِ به مضبوط بڻائي سگهجي ٿو.
انهن پنجن مسئلن جو اهو حَل تمام سولو ۽ سستو آهي.
ان نسخي جو صحت لاءِ ڪو ناڪاري اثر ناهي هوندو، انڪري لازمي ناهي ته انهن مسئلن جو شڪار ماڻهو ئي ان تي عمل ڪري سگهن ٿا. هر صحتمند ماڻهو به جيڪڏهن ڪلونجي ۽ هرٻي جي ٻج جو پاڻي پيئندو ته اهي انهن ڪوليسٽرول، شگر، هاءِ بلڊ پريشر، سهڪي توڙي يورڪ ايسڊ جي مسئلي کان محفوظ رهندا ۽ انهن جي گڏيل صحت به بهتر رهندي.