”مراڪش ۾ ٻيڙي حادثو نه پر قتل عام ٿيو“ بچي ويل پاڪستانين جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مراڪش ٻيڙي حادثي ۾ بچي ويل پاڪستانين جا شروعاتي بيان رڪارڊ ڪيا ويا، جنهن ۾ هنن انڪشاف ڪيو ته سمگلرن ڀنگ ڏيندڙن کي ڇڏي ڏنو ۽ نه ڏيندڙن کي هٿوڙا هڻي سمنڊ ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب بيان پاڪستان مان ويل چار رڪني ٽيم رڪارڊ ڪيا، جنهن ۾ متاثرن ٻڌايو ته مراڪش ۾ ٻيڙي حادثو نه ٿيو پر قتل عام ٿيو، انساني سمگلرن ٻيڙي کليل سمنڊ ۾ ڄاڻي واڻي ٻن ڏينهن تائين روڪي ڇڏي ۽ ڀنگ گهريو، ڀنگ ڏيندڙن کي ڇڏيو ويو ۽ نه ڏيڻ تي ڪيترن ئي مسافرن کي هٿوڙا هڻي زخمي ڪيو ويو ۽ سمنڊ ۾ ڦٽو ڪيو ويو.
ذريعن موجب متاثر پاڪستانين پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته ٻيڙي ۾ سوار گهڻا ماڻهو ٿڌ لڳڻ ۽ تشدد سبب فوت ٿيا، کاڌي پيتي جي به کوٽ هئي، ٻيڙي انٽرنيشنل هيومن ٽريفڪنگ ريڪٽ جي نگراني ۾ هئي، ان ريڪٽ ۾ سينيگال، موريطانيا ۽ مراڪش جا سمگلر شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.