مراڪش ٻيڙي حادثي ۾ بچي ويل 21 پاڪستانين جي فهرست جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزارت مراڪش ٻيڙي حادثي ۾ بچي ويل21 پاڪستانين جي فهرست جاري ڪري ڇڏي.
پرڏيهي وزارت جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته امدادي ڪارروائين جي نگراني ڪري رهيا آهيون، رباط ۾ پاڪستاني سفارتي مشن ذريعي متاثرن کي فوري مدد فراهم ڪئي وئي آهي ۽ سفارتي مشن متاثر ماڻهن لاءِ خوراڪ، پاڻي، دوا ۽ ڪپڙن جو بندوبست ڪري رهيو آهي.
ترجمان موجب سفارتي مشن جي قونصل ٽيم هن وقت دخله ۾ موجود آهي، جتي مقامي اختياريون اسان جي درخواست تي پناهه گاهن ۽ طبي سهولتن جو انتظام ڪري رهيون آهن، ان کانسواءِ مراڪش ۾ لاڳاپيل اختيارين سان لڳاتار رابطي ۾ آهيون ته جيئن متاثرن کي مڪمل مدد فراهم ڪري سگهجي، بچي ويل ماڻهن جي ڏيهه واپسي لاءِ ڪوششون جاري آهن.
پرڏيهي وزارت طرفان بچي ويل پاڪستانين جي فهرست جاري ڪئي وئي آهي، جن ۾ مدثر حسين، وسيم خالد، محمد خالق، عبدالغفار، گل شمير، تنوير احمد، عباس ڪاظمي، غلام مصطفيٰ، بدرمحي الدين، عمران اقبال، شعيب ظفر، علي حسن، مهتاب الحسن، عزيز بشارت، محمد آصف، مجاهد علي، عامر علي، عمر فاروقي، بلاول اقبال، ارسلان ۽ عرفان احمد شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.