ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪي اليڪٽرڪ جون ڪيتريون ئي گرڊ اسٽيشنون ٽرپ ٿيڻ سبب شهر جو وڏو حصو بجلي کان محروم ٿي ويو.
ذريعن موجب ڪي اليڪٽرڪ جي فيڊرز ۾ ٽرپنگ سبب شهر جي مختلف علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي.
ڪورنگي، لياري، کارادر، محمود آباد، ڊفينس، آءِ آءِ چندريگر روڊ، صدر، سائيٽ ايريا، نارٿ ڪراچي، نارٿ ناظم آباد، جيڪب لائن ۽ ايف بي ايريا جي مختلف بلاڪس ۾ بجلي فراهمي معطل ٿي وئي.
You might also like