خيبر پختونخواهه حڪومت جو ڪرم جي متاثر علائقن ۾ شرپسندن خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه حڪومت ڪرم ضلعي جي متاثر علائقن ۾ شرپسندن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
خيبر پختونخوا حڪومت جي ترجمان بيرسٽر سيف موجب پشاور ۾ ڪرم جي صورتحال تي اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چيف سيڪريٽري، آءِ جي پوليس سميت ٻيون اختياريون شريڪ ٿيون.
هن ٻڌايو ته شرپسند عنصرن خلاف بنا فرق جي سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي، متاثر علائقن ۾ ڪجهه شرپسندن خلاف ڪارروائي اڻٽر ٿي چڪي آهي.
سندس چوڻ هو ته امن معاهدي تي قانون موجب عمل درآمد ڪرايو ويندو، خدشو آهي ته امن پسند ماڻهن جي وچ ۾ ڪجهه شرپسند گهڙي ويا آهن، متاثر علائقن جي عوام جي رهائش لاءِ بهترين متبادل انتظامات ڪيا ويا آهن.
بيرسٽر سيف چيو ته صوبائي حڪومت ٽن مهينن کان ڪرم ۾ امن بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جڏهن ته ڪرم ۾ ڪجهه شرپسند عصرن امن معاهدي کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، شرپسندن ڊپٽي ڪمشنر تي قاتلاڻو حملو ڪيو ۽ امدادي سامان جي قافلن کي به نشانو بڻائي رهيا آهن.
خيبر پختونخواهه حڪومت جي ترجمان عوام کان اپيل ڪئي ته اهي متاثر علائقن ۾ مڪمل سهڪار ڪن، حڪومت جلد شرپسندن جو خاتمو ڪري علائقي ۾ امن بحال ڪندي، ڪرم جو عوام امن چاهي ٿو ۽ امن معاهدي جو احترام ۽ پاسداري ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.