ڪراچي(رپورٽر) 17 جنوري 2025 جماعت اسلامي سنڌ جي هڪ اعلى سطحي وفد سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ جي اڳواڻي ۾ تحريڪ انصاف سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ جي رهائش گاهه تي ملاقات ڪئي ۽ کيس جماعت اسلامي طرفان 26 جنوري تي حيدرآباد ۾ ” سنڌو سنڌ جي جياپي جو ذريعو، درياهه سنڌ ۽ زراعت کي درپيش خطرا ۽ ان جو حل“ جي سري هيٺ رٿيل پاڻي ڪانفرنس ۾ شرڪت جو دعوت نامو ڏنو، پي ٽي آءِ اڳواڻ جماعت اسلامي جي دعوت قبول ۽ پاڻي ڪانفرنس ۾ شرڪت جو يقين ڏياريو. ٻنهي اڳواڻن سنڌ جي ڳنڀير مسئلن جهڙوڪ بدامني، ڌاڙيل راڄ ۽ سنڌوءَ جي پاڻي مٿان ڌاڙي سميت سنڌ جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي مامرن تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ گڏيل جدوجهد تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي حليم عادل شيخ چيو ته نه رڳو سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي بلڪه مجموعي طرح سان سڄي سنڌ کي بچائڻ لاءِ ” سنڌ بچايو تحريڪ“ شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي، سڀني هم خيال سياسي جماعتن کي گڏجي ڪري هر سطح تي گڏجي ظلم جي هن نظام جي خاتمي لاءِ گڏيل جدوجهد کي منظم ڪرڻ گهرجي. 16 سالن کان سنڌ تي مسلط ڪيل پ پ جي ڪرپٽ ۽ بدترين حڪمراني کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ مزاحمت کان سواءِ هاڻي ٻي ڪابه واهه ڪونهي ڪا. ان موقعي تي جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو ته سنڌ جي مالڪي ڪرڻ جي دعويدار پيپلزپارٽي جي حڪومت سنڌوءَ مٿان ڪينالن کان ويندي ڪارونجهر جي ڪٽائي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ سنڌ جون زمينون ڪمپني سرڪار جي اشارن تي خانگي ڪمپنيءَ کي ڏئي سنڌ جي مفادن ۽ وسيلن جي ڦرلُٽ ۾ وسان نه گهٽايو آهي. سنڌ جي وسيلن جي ڀيل توڙي جياپي جي واحد اهڃاڻ سنڌو مٿان نوان ڪينال اڏڻ خلاف سموريون سياسي پارٽيون پنهنجا باهمي اختلاف وساري هن قومي جدوجهد ۾ هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿين. جماعت اسلامي هميشه سنڌ جي اهم مسئلن تي جدوجهد ڪندي رهي آهي ۽ آئنده به اها جدوجهد جاري رهندي. ان موقعي تي جماعت اسلامي سنڌ جو جنرل سيڪريٽري محمد يوسف، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري امداد الله بجاراڻي، علامه حزب الله جکرو، زاھد حسين راڄپر،سيڪريٽري اطلاعات مجاهد چنا، جڏھن تہ پي ٽي آء جو جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر مسرور سيال،ايڊيشنل جنرل سيڪريٽري رضوان نيازي،سنڌ اسيمبلي ۾ پارلياماني ليڊر شبير قريشي، سيڪريٽري مذھبي امور مولانا جميل اظھر وٿرا، سينئر نائب صدر جعفرالحسن، ڪراچي جو جنرل سيڪريٽري ارسلان خالد ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.