اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) پي ٽي آءِ جي اڳوڻي اڳواڻ ۽ سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته ٻئي ڳالهيون ڪندڙ پارٽيون چاهين ٿيون ته عمران خان جيل ۾ رهي، پي ٽي آءِ جيڪڏهن هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل ڪئي ته وڌيڪ مايوسي ٿيندي ڇو ته اهو ئي فيصلو برقرار رهندو.خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته جڏهن اهو منحوس آرڊر ڪابينا ۾ آيو ته مون ان ئي وقت چيو هو ته اهو جيل ۾ ختم ٿي ويندو، هي اسٽيٽ فارورڊ اوپن اينڊ شٽ ڪيس آهي، جڏهن شهزاد برطانيا ويو هو ڳالهيون ڪرڻ لاءِ ته ان وقت به ڪابينا کي خبر نه هئي ۽ نه ئي ڪابينا جي منظوري انهن ڳالهين ۾ شامل هئي.فيصل واوڊا چيو ته سڀ ڪجهه ڪرڻ کان پوءِ ڪابينا اجلاس ۾ ايجنڊا کانسواءِ زبردستي سيل بند لفافو ۾ پيش ڪيو ويو، اين سي اي چيو ته اهو پاڪستان جو پيسو آهي، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل چيو ته اهو پاڪستان جو پيسو آهي ۽ ان تي ڪرپشن ٿي رهي آهي. ان جا ثبوت سڀني جي سامهون آهن، 460 ارب رپيا سپريم ڪورٽ ۾ ڏيڻا هئا، پر اها رقم 560 ارب هئي، جنهن ۾ 100 ارب رپيا گهٽائي ملڪ کي نقصان پهچايو ويو.فيصل واوڊا چيو ته ٻنهي ڳالهين واريون پارٽيون پي ٽي آءِ ۽ حڪومت چاهيون ٿا ته عمران خان جيل ۾ رهي، هاڻي اهي ڳالهيون بند ٿي وينديون ۽ سڀاڻي پوءِ اهو تاثر ڏنو ويندو ته فوج سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.