اهڙي ٽيم ٺاهڻ چاهيون ٿا، جنهن کي هوم گرائونڊ تي هارائڻ ڏکيو هجي: شان مسعود

ملتان (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان شان مسعود چيو آهي ته اهڙي ٽيم ٺاهڻ چاهيون ٿا، جنهن کي هوم گرائونڊ تي هارائڻ ڏکيو هجي.
ويسٽ انڊيز خلاف پهرين ٽيسٽ کان اڳ صحافين سان ڳالهائيندي شان مسعود چيو ته ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي آخري سيريز کٽڻ چاهيون ٿا، ويسٽ انڊيز خلاف سيريز ۾ ايندڙ سائيڪل جي تياري ڪنداسين.
هن چيو ته ويسٽ انڊيز هڪ بهترين ٽيم آهي، جنهن ۾ باصلاحيت رانديگر موجود آهن ۽ اسان ڄاڻون ٿا ته اهي سخت مقابلو ڪنداسين، ٽيسٽ ڪرڪيٽ مقابلي جو نالو آهي ۽ ٽيم طور اسان جي رستي ۾ جيڪو به ايندو، ان جو جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.
محمد عباس کي اسڪواڊ مان ڊراپ ڪرڻ جي حوالي سان شان مسعود چيو ته ڪنڊيشن سبب کيس آرام ڏنو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.