ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ڪابينا 8 هزار اليڪٽرڪ بسون نيشنل انرجي اينڊ ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن کي هلائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪابينا اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته نيشنل انرجي اينڊ ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن (اين اي ٽي سي) مرحليوار عملدرآمد سان 8000 اليڪٽرڪ بسن جو ٽوٽل هدف تجويز ڪيو آهي، پهرئين مرحلي ۾ 500 بسون، ٻئي مرحلي ۾ 1500 ۽ ٽئين مرحلي ۾ 4 کان 6 هزار بسون هلايون وينديون، هن وقت 50 بسون هلي رهيون آهن، اين اي ٽي سي جي تجويز آهي ته رينٽ ٽو اون ماڊل تي بسون هلايون.
ڪابينا ايس ايم ٽي اي ۽ اين اي ٽي سي وچ ۾ گونمنٽ ٽو گورنمنٽ بنياد تي معاهدي جي منظوري ڏني ته جيئن اليڪٽرڪ بسن جي ڀاڙن سميت فراهمي، تعمير، آپريشن ۽ مرمت ڪئي وڃي.
You might also like