ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کدڙن فقيرن کي تعليم تائين پهچ ڏيڻ لاءِ پاليسي جوڙڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا.
اجلاس ۾ وڏي وزير چيو ته کدڙن فقيرن کي تعليم تائين پهچ تمام گهٽ آهي، قومي سطح تي کدڙن فقيرن جي خواندگي جي شرح 40.15 سيڪڙو ۽ سنڌ ۾ 34.16 سيڪڙو آهي، هڪ بهترين پاليسي جوڙي ڪابينا ۾ پيش ڪئي وڃي.
هن چيو مان چاهيان ٿو ته کدڙن فقيرن کي بنا ڪنهن فرق جي تعليم تائين پهچ فراهم ڪئي وڃي.
You might also like