ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪابينا اجلاس ۾ ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا.
وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين لاڳاپيل سيڪريٽرين شرڪت ڪئي.
صوبائي ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته تعليم جي معيار کي وڌائڻ لاءِ ٽيچنگ لائسنس پاليسي 2023 ۾ منظور ڪئي وئي هئي، سنڌ ملڪ ۾ پهريون صوبو آهي، جنهن ٽيچنگ لائسنس پاليسي متعارف ڪرائي آهي، ان پاليسي تحت ٽيسٽ ۾ 195 نوان اميدوار ڪامياب ٿيا.
سنڌ ڪابينا 195 فريش ٽيچنگ لائسنس رکندڙ اميدوارن جي ڀرتي جي منظوري ڏني، ٽيچنگ لائسنس رکندڙ استاد گريڊ بي ايس 16 ۾ مقرر ڪيا ويندا.
You might also like