لاهور (ويب ڊيسڪ) ناليوارو گلوڪار جواد احمد پنهنجي گهرواري جي بيوٽي پارلر تي بجلي چوري جي تڪرار ۾ ليسڪو عملي سان ڏند چڪ تي ڦاسي پيو ۽ مٿس ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
رپورٽ موجب واقعو جوهر ٽائون ۾ گلوڪار جواد احمد جي گهرواري جي بيوٽي پارلر تي پيش آيو، جتي ليسڪو عملو بجلي چوري جي جاچ لاءِ پهتو هو.
ليسڪو طرفان نواب ٽائون ٿاڻي ۾ داخل درخواست ۾ گلوڪار جواد احمد، سندس ساٿي ۽ چئن اڻڄاتل ماڻهن کي نامزد ڪيو ويو آهي.
درخواست موجب جواد احمد موقعي تي پهچي عملي سان گارگند ڪئي ۽ ڌمڪايو، بيوٽي پارلر جي بجلي ميٽر سان هٿ چراند ڪئي وئي هئي، جنهن جو مقصد بجلي چوري ڪرڻ هو، بجلي جي غير قانوني پهچ روڪڻ لاءِ پارلر جي بجلي ڪاٽي وئي آهي.
You might also like