اوٽاوا (ويب ڊيسڪ) ڪينيڊين وزيراعظم جسٽن ٽروڊو سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هو ايندڙ چونڊن ۾ حصو نه وٺندو.
جسٽس ٽروڊو موجب مان اهو ناهي سوچيو ته سياست ڇڏڻ کانپوءِ ڇا ڪندس.
ياد رهي ته ٽروڊو اڳ ئي وزارت عظميٰ ۽ لبرل پارٽي آف ڪينيڊا جي ليڊرشپ ڇڏڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي.
ڪينيڊين وزيراعظم چيو ته مان هن وقت پنهنجي ڪم تي ڌيان ڏئي رهيو آهيان، جنهن لاءِ عوام مون کي چونڊيو آهي، ٽرمپ جي حلف کڻڻ کانپوءِ ڪجهه هفتا ڪينيڊا لاءِ وڏا اهم آهن.
هوڏانهن جسٽن ٽروڊو جي صدارت هيٺ سڀني صوبن جي پريميئرز جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ڪينيڊين شين تي ڳرا ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو ڀرپور جواب ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
Next Post
You might also like