ميڊرڊ (ويب ڊيسڪ) آفريقي ملڪ موريطانيا مان غير قانوني طور اسپين ويندڙن جي ٻيڙي سان حادثو پيش آيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 44 پاڪستانين سوڌو 50 ڄڻا فوت ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب 86 پناهگيرن جي ٻيڙي ٻه جنوري تي موريطانيا مان رواني ٿي هئي.
مراڪشي اختيارين جو چوڻ آهي ته ٻيڙي ۾ ڪُل 66 پاڪستاني سوار هئا، جن مان 36 ڄڻن کي بچايو ويو آهي.
انساني حقن جي تنظيم موجب 12 جنوري تي اسپين ميري ٽائم ريسڪيو کي ٻيڙي جي گمشدگي کان آگاهه ڪيو ويو هو.
هوڏانهن اسپين ميري ٽائم سروس ترديد ڪندي چيو آهي ته پناهگيرن جي ٻيڙي بابت ڄاڻ نه هئي.
غير قانوني طور يورپ وڃڻ جي ڪوشش، ٻيڙي حادثي ۾ 44 پاڪستانين سوڌو 50 ڄڻا فوت ٿي ويا
You might also like