پروٽيز لاءِ بري خبر، اهم رانديگر چيمپيئنز ٽرافي نه کيڏي سگهندو

جوهانسبرگ (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريقا جو اهم فاسٽ بالر اينرچ نوڪيا انجري سبب چيمپيئنز ٽرافي کان ٻاهر ٿي ويو.
اينرچ نوڪيا کي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو هو پر انجريءَ سبب هو ٽورنامينٽ جو حصو ناهي رهيو.
ڏکڻ آفريقي ڪرڪيٽ بورڊ جو چوڻ آهي ته متبادل رانديگر جو جلد اعلان ڪيو ويندو.
واضح رهي ته نوڪيا گذريل سال جون ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ حصو ورتو هو پر چيلهه ۾ تڪليف سبب ان کانپوءِ ڪا به انٽرنيشنل ميچ ناهي کيڏي سگهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.