سنڌ حڪومت جو سرڪاري ملازمن لاءِ وڏو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت بيڪار گاڏين کي هڪ مهيني اندر نيلام ڪرڻ ۽ ڪراچي جي سرڪاري ملازمن لاءِ اي وي گاڏيون خريدڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جي خرچ گهٽائڻ بابت ذيلي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزير سعيد غني، ضياالحسن لنجار، علي حسن زرداري ۽ مختلف کاتن جا سيڪريٽري شريڪ ٿيا.
اجلاس ۾ ڪميٽي ميمبرن طرفان سرڪاري گاڏين جي الاٽمينٽ کي ريگوليٽ ڪرڻ لاءِ واضح گائيڊ لائنز تي عمل ڪرڻ جون هدايتون ڪيون ويون، ان موقعي تي مختلف کاتن جي سيڪريٽرين سرڪاري گاڏين بابت 10 سالن جو رڪارڊ پيش ڪيو.
اجلاس ۾ ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته نيلامي جو عمل هڪ مهيني اندر مڪمل ٿيڻ گهرجي ته جيئن وسيلا وڌيڪ ضايع نه ٿين ۽ نين گاڏين جي ضرورت کي پورو ڪري سگهجي، اي وي گاڏيون خريدڻ سان حڪومت کي فائدو ٿيندو، پي او ايل جي بچت ٿيندي، ان جي نيلامي ۾ به آساني ٿيندي.
هن چيو ته حڪومت عوامي وسيلن جي استعمال ۾ شفافيت ۽ احتساب کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي، سرڪاري گاڏين جو غير مجاز استعمال ڪندڙن کي سختي سان چئون ٿا ته حڪومتي حڪمن تحت گاڏيون واپس ڪيو.
سندس چوڻ هو ته بيڪار گاڏين جي نيلامي تي پڻ ڪم جاري آهي، نيلامي مڪمل شفافيت سان ڪئي ويندي، سمورا لاڳاپيل عهديدار ۽ کاتا قانوني ڪارروائي کان بچڻ لاءِ نين هدايتن تي عمل ڪن.
سعيد غني چيو ته بيڪار گاڏين جي وقت تي نيلامي اهم آهي، ان سان غير ضروري خرچن ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي، جن کاتن وٽ واڌو گاڏيون آهن، اهي پنهنجي ضرورت کان وڌيڪ گاڏيون حڪومت کي واپس ڪري ڇڏين.
ضياالحسن لنجار چيو ته بيڪار گاڏين جي نشاندهي ۽ حڪومتي پاليسين تي عمل يقيني بڻائڻ لاءِ تيزي سان ڪم ڪيو پيو وڃي، اسان جو مقصد عوام جو پيسو بچائڻ ۽ ضرورتن موجب خرچ يقيني بڻائڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.