گنڊاپور مهرو آهي، دوکو فضل الرحمان سان نه عمران خان سان ٿي رهيو آهي: جي يو آءِ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) چيو آهي ته علي امين گنڊاپور جي ڊيوٽي لڳائي وئي آهي ته هو اپوزيشن کي ورهائي، هو ٽي وي تي ويهي ڀڀڪيون هڻي رهيو آهي.
جي يو آءِ (ف) جي ترجمان اسلم غوري، علي امين گنڊاپور جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو ته هن ڪينٽ ۾ ويهي هٿرادو روپوشي گذاري، ٽي وي تي ڀڀڪيون هڻي رهيو آهي.
هن چيو ته علي امين گنڊاپور جي ڊيوٽي لڳائي وئي آهي ته اپوزيشن کي ورهائي، اهڙا مهرا اپوزيشن کي ورهائڻ لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن، دوکو فضل الرحمان سان نه عمران خان سان ٿي رهيو آهي.
جي يو آءِ ترجمان چيو ته علي امين گنڊاپور بند ڪمري ۾ اسٽيبلشمينٽ کان معافيون ٿو گهري ۽ ٻاهر اچي ڀڀڪيون ٿو هڻي، ڊي چوڪ تي ڪارڪنن کي اڪيلو ڇڏيندڙ ڪهڙي منهن سان ڳالهائي رهيو آهي، خيبر پختونخواهه ۾ ڪرپشن ۽ ڦرلٽ جي بازار گرم آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.