رياض (ويب ڊيسڪ) پرتگالي اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو جلد ئي هڪ منٽ ۾ 300 پائونڊ ڪمائيندو، اهو نئون معاهدو ڪرسٽيانو رونالڊو کي دنيا جو مهانگو ترين ايٿليٽ بڻائي ڇڏيندو.
رپورٽن موجب ڪرسٽيانو رونالڊو کي سعودي پرو ليگ ڪلب النصر طرفان 167.9 ملين پائونڊ جو معاهدو ڏيڻ جو امڪان آهي.
39 ورهين جي جڳ مشهور فٽبالر جنوري 2023 ۾ النصر کي جوائن ڪيو هو، تڏهن کيس 164 ملين پائونڊ في سيزن ميچن لاءِ واڌو 4 ملين پائونڊ آف دي فيلڊ ايونٽن لاءِ ڏنا ويا هئا.
هاڻ ڪرسٽيانو رونالڊو دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ معاوضو حاصل ڪندڙ رانديگر بڻجي ويندو.
You might also like