اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف باني جي ڀيڻ عليمه خان چيو آهي ته دعا آهي 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ عمران خان کي سڀاڻي ئي سزا ٿي وڃي.
صحافين سان ڳالهائيندي عليمه خان چيو ته احتساب عدالت جي جج ايترو وقت لڳائي ڪيس ٻڌو آهي ته هاڻ سزا به ڏئي ڇڏي، سزا ڇو نٿو ڏئي؟
هن چيو ته اسان کي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ مان ڪا اميد ناهي، عمران خان ٽرمپ جي انتظار ۾ ناهي پر پاڻ کي سرخرو ڪرڻ لاءِ جيل ڪاٽي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته 190 ملين پائونڊ ڪيس جي حوالي سان ڪيترائي صحافي اهو چئي چڪا آهن ته عمران خان کي سزا ٿيندي، جيڪڏهن بريت ٿيڻي هجي ها ته پهرئين ڏينهن ٿي وڃي ها.
عليمه خان چيو ته ڪيس جو فيصلو ٻڌائڻ ۾ دير ان ڪري ڪئي پئي وڃي ته ڪا ڊيل ٿي وڃي، جيڪي جج دٻاءَ ۾ به انصاف ڏئي رهيا آهن، اسان کي انهن جو قدر ڪرڻ گهرجي.
You might also like