برسبين (ويب ڊيسڪ) بگ بيش ليگ ۾ برسبين هيٽ ۽ هوبارٽ هريڪينز جي ميچ دوران اسٽيڊيم ۾ معمولي باهه لڳڻ سبب ڪجهه دير لاءِ راند کي روڪيو ويو.
برسبين هيٽ طرفان 202 جي جواب ۾ هوبارٽ هريڪينز بيٽنگ ڪري رهي هئي ته چوٿين اوور جي پڄاڻي تي اسٽيڊيم ۾ ڊي جي اسٽينڊ ڀرسان معمولي باهه ڀڙڪي پئي.
باهه لڳڻ سبب شوقينن ۾ خوف پکڙجي ويو پر انتظاميا ڪجهه دير ۾ ئي باهه تي ضابطو آڻي ڇڏيو ۽ راند ٻيهر شروع ٿي.
You might also like