ملتان (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ سڀاڻي کان ملتان ۾ کيڏي ويندي، جنهن لاءِ اسپن ٽريڪ تيار ڪيو ويو آهي.
اسپن وڪيٽ جي تياري لاءِ انڊسٽريل سائز پکن سان پچ کي خشڪ ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ان کي پلاسٽڪ ڪور ۾ به ڍڪيو ويو آهي، گرائونڊ اسٽاف کي پچ تي موجود گهم ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
اسپن ٽريڪ کي ڏسندي ٻنهي ٽيمن طرفان پهرين ٽيسٽ ۾ اسپن بالرن تي ڀاڙيو ويندو، پاڪستان طرفان اڳوڻي اسپنر عبدالرحمان کي اسپن بالنگ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن اسپنرن ابرار احمد، نعمان علي ۽ ساجد خان کي پچ موجب پريڪٽس ڪرائي.
You might also like