حمزا ۽ نيمل جي شادي ۾ منهنجو هٿ هو: عاطف اسلم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري گلوڪار عاطف اسلم دعويٰ ڪئي آهي ته حمزا علي عباسي ۽ نيمل خاور جي شادي ۾ منهنجو هٿ هو.
گلوڪار عاطف اسلم، حمزا علي عباسي ۽ نيمل خاور جي هڪ مختصر وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل آهي، جنهن ۾ ٽنهي فنڪارن کي خوشگوار موڊ ۾ ڏسي سگهجي ٿو.
وڊيو ۾ عاطف اسلم چيو ته حمزا علي عباسي منهنجو حاجي ڀاءُ آهي، اسان حج گڏ ڪيو هو ۽ مون کي ياد آهي ته اتي حمزا وٽ موبائل نه هئي، هو منهنجي موبائل تان نيمل سان ڳالهائيندو هو.
هن چيو ته حج دوران ئي ٻنهي شادي جو فيصلو ڪيو، حمزا علي عباسي منهنجي موبائل تي ئي نيمل سان شادي جي معاملن تي ڳالهايو.
ان تي کلندي حمزا علي عباسي چيو ته عاطف منهنجو حاجي ڀاءُ آهي، هو حج ۾ مون سان گڏ هو ۽ هن منهنجي ڏاڍي مدد ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.