قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو فاسٽ بالر زخمي ٿي پيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو فاسٽ بالر مير حمزا زخمي ٿي پيو.
مير حمزا پريزيڊنٽ ٽرافي گريڊ ون ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ فيلڊنگ ڪندي زخمي ٿيو، ميچ دوران هو ڊائيو لڳائي ڪيچ پڪڙيندي زخمي ٿيو، جنهن سبب کيس ميدان کان ٻاهر وڃڻو پيو.
واضح رهي ته مير حمزا پريزيڊنٽ ٽرافي ۾ غني گلاس جي نمائندگي ڪري رهيو آهي، سندس ٽيم جي ڪوچ ڪامران اڪمل فاسٽ بالر جي زخمي ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو.
هن چيو ته آئوٽ فيلڊ تي گاهه نالي ڪا شئي ناهي، مٽي تي رانديگر ڊائيو هڻندو ته ائين ئي ٿيندو.
ياد رهي ته مير حمزا کي پاڪستان سپر ليگ جي ايندڙ ايڊيشن لاءِ ڪراچي ڪنگز سلور ڪيٽيگري ۾ چونڊيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.