اڄڪلهه آئيس جو نشو شهر توڙي ٻهراڙي واري علائقن ۾ ائين وڪرو ٿي رهيو آهي جيئن پٽاٽا، بصر ۽ ٻيون عام سبزيون.
نوجوان نسل ان نشي ۾ وڏي تيزيءَ سان جڪڙجي رهيو آهي، جنهن کي فوري طور تي نه روڪيو ويو ته ٿوري ئي وقت ۾ اهو سنڌ توڙي ملڪ ۾ فوتگين جو وڏو سبب بڻجي ظاهر ٿيندو.
آئيس نشو پهريون ڀيرو سان دماغ ۾ خوشي جا هارمونز تمام گهڻي مقدار ۾ پيدا ٿيندا يا ايڪٽو ٿيندا آهن، جنهن جي ڪري پهريون ڀيرو واپرائڻ کانپوءِ واهپيدار ايتري ته خوشي محسوس ڪندو آهي جيڪا هن سڄي زندگي ۾ محسوس نه ڪئي هوندي.
آئيس نشو پهريون ڀيرو ٻاهتر ڪلاڪن تائين اثر رکندو آهي ۽ اهو ننڊ ڪرڻ ناهي ڏيندو، مطلب ته پهريون ڀيرو اهو نشو ڪرڻ کانپوءِ ڪو به ماڻهو ٻاهتر ڪلاڪ جاڳندو ته رهندو پر انکي ننڊ نه ڪرڻ جو احساس به نه ٿيندو ته هن ننڊ ناهي ڪئي يا ڪئي آهي.
هوريان هوريان اهو خوشي وارو احساس گهٽائيندو ويندو آهي جنهن جي ڪري واهپيدار اهو ساڳيو مزو ماڻڻ يا خوشي جو احساس محسوس ڪرڻ لاءِ ان جو مقدار وڌائيندا ويندا آهن.
جنهن کانپوءِ اهو فوري طور تي هڏن تي حملو ڪندو آهي.
نشو ڪهڙو به هجي ان ۾ رشتن جي تميز ختم ٿي ويندي آهي، انڪري اهو چوڻ ته ٻيا نشا آئيس کان سُٺا آهن ڪهڙي به صورت ۾ مناسب ناهي پر ٻين نشن جي ڀيٽ ۾ اهو ماڻهوءَ کي تڪڙي موت جي منهن ۾ وجهندو آهي.
آئيس نشي وارا ماڻهن تي ڪهڙي به حوالي سان يقين ڪرڻ سڀ کان وڏي بيوقوفي سمجهي سگهجي ٿي، ڇو ته ان نشي ۾ مبتلا ماڻهو ڪهڙي به وقت ڪو به اڻوڻندڙ واقعو ڪري سگهن ٿا.
ان نشي ۾ مبتلا ماڻهو ٿوري ئي عرصي ۾ سُڪي، ڳَري ڪنڊا ٿيڻ لڳندو آهي، جنهن جي ڪري آئيس واپرائيندڙ ماڻهو اوهانکي ڌانچي جي صورت ۾ نظر ايندا.
ان نشي جي ڪري ماڻهوءَ جا هڏا ۽ جوڙ ڪمزور ٿي ويندا آهن ۽ آخرڪار موت جي منهن ۾ هليو وڃي ٿو.