ڪنڌ ۾ سور جا ڪيترائي ڪارڻ ٿي سگهن ٿا، ان جي نتيجي ۾ گهڻا ماڻهو مختلف قسمن جون دوائون ۽ بام استعمال ڪندا آهن، اهي ڪجهه حد تائين ته تڪليف گهٽائيندا اهن پر مستقل طور تي ڇوٽڪارو ناهي ملي سگهندو، اهڙا ماڻهو ڪجهه ٽوٽڪا استعمال ڪري تڪليف مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهن ٿا.
جيڪڏهن توهان کي ڪنڌ ۾ سور آهي ته اهو رات جو وڌيڪ پريشان ڪري سگھي ٿو پر اهو سور اوچتو ناهي ٿيندو.
جيڪڏهن توهان گهڻي دير تائين ڪمپيوٽر جي سامهون غلط طريقي سان ويهندا آهيو ته ڪنڌ ۾ سور ٿيڻ جو امڪان وڌي ويندو آهي، ان کانسواءِ موبائل جي غلط استعمال، ذهني دٻاءَ جي ڪري به اها تڪليف ٿيندي آهي.
ماهرن موجب ڪنڌ جي سور ۾ مبتلا ماڻهن کي ڪمپيوٽر سامهون غلط طريقي سان ويهڻ کان پرهيز ڪرڻ گهرجي، اسڪرين توهان جي اکين کان هيٺ يا مٿي نه پر سڌي هجڻ گهرجي، گڏوگڏ ڪمپيوٽر جي ڪي بورڊ تي توهان جا هٿ فٽ هجن، ڪرسي تي گهڻي دير تائين ويهڻ کان پاسو ڪيو ۽ وقفي وقفي سان گهمندا ڦرندا رهو، جڏهن ته ڪرسي تي ويهڻ دوران سڌا ٿي ويهو، جهڪي نه ويهو.
جيڪڏهن توهان عينڪ لڳائيندا آهيو ته نظر چيڪ ڪرائيندا رهو ڇو ته نمبر وڌي سگهن ٿا، جيڪڏهن توهان مناسب چشمو نٿا پايو ته ڪنڌ کي گهڻو موڙيندا آهيو، جنهن سان سور ٿي سگهي ٿو.
ڪجهه ماڻهو رات جو سمهڻ کان اڳ ٻه ٽي ويهاڻا هيٺان رکندا آهن، جنهن سان ڪنڌ ۾ سور ٿي سگهي ٿو، ان ڪري هڪ ويهاڻو ۽ ڪوشش ڪيو ته اهو نرم هجي، ان سان سڪون جي ننڊ ايندي ۽ ڪنڌ ۾ سور به نه ٿيندو، گڏوگڏ اهو خيال رکو ته رات جو 8 ڪلاڪ پوري ننڊ ڪيو.
جيڪڏهن توهان کي ڪنڌ ۾ سور سان گڏ هٿن ۽ پيرن ۾ سور، بخار، وزن گهٽجڻ جهڙيون علامتون نظر اچن ته ڊاڪٽر سان رابطو ڪيو.
Prev Post
Next Post
You might also like