اهو سَکَر جِن ناهي! ننڊ ڪندي جسم پڪڙجڻ وارو احساس ڇو ٿئي ٿو، علاج ڪهڙو؟

تقريبن هر ماڻهوءَ سان ائين ٿيو هوندو ته اهو جڏهن سمهيل هوندا آهن ته انهن کي ائين محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ ڪنهن غيبي طاقت انهن جي جسم کي پڪڙي سُڪ ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي ڪري نه اهي چري پري سگهندا آهن نه ئي ڪو آواز ڪڍي سگهندا آهن.

عام طور تي ڪيترن ئي جاين تي ان عمل کي جسم تي جنن جي چڙهائي يا وري ڪٿي ڪٿي سَکَر جن جي کڇٽ سڏيو ويندو آهي. ڀلا جن جو ڪهڙو ڪم جو ڪنهن جي جسم کي هروڀرو پڪڙي؟ سو به ان وقت جڏهن ڪو ويچارو ننڊ ستل هجي! ائين ٿي سگهي ٿو، سڀ ڪنهن جي پنهنجي سوچ آهي، پر ان بابت سائنس ڇا ٿي چئي، اڄ اسان اوهانکي اهو ٻڌائينداسين.

سمهڻ دوران اڌ ننڊ ۽ اڌ جاڳ ۾ هجڻ ڪري جسم مفلوج ٿيڻ واري احساس کي sleep paralysis  چيو ويندو آهي.

اهو عمل ان وقت ٿيندو آهي توهان ڪا به چرپر ناهيو ڪندا، اهو نه رڳو ننڊ ۾ پر جاڳندي به ٿيندو آهي. اهو پيرا سومنيا جو هڪ قسم آهي جيڪو ان وقت ٿئي ٿو جڏهن انسان جو دماغ فعال هجي پر جسم اڃا تائين ننڊ واري ئي حالت ۾ هجي.

ان دوران ماڻهو پنهنجي چوڌاري واري ماحول کان بي خبر هوندا آهن، پر تنهن باوجود به نظر جو ڌوڪو ٿي سگهي ٿو، ان دوران ڪي انگ اکر ڏسي يا آواز ٻڌي سگهجن ٿا يا وري جسم تي وڏو وزن محسوس ڪري سگهجي ٿو.

ان دوران ائين لڳندو آهي ته ساهه به منجهي ٿو ۽ ڪيترائي ماڻهو ان کي ڪنهن طاقتور هستين جي هٿان قيد ٿيڻ سمجهندا آهن پر حقيقت ۾ ائين ناهي هوندو.

ان جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا جن بابت به اوهانکي ٻڌايون ٿا ۽ هتي اوهان اهو به ڄاڻي سگهو ٿا ته ان مان جند ڪيئن ڇڏائجي.

سليپ پيرالائيزز ننڊ اصل ۾ بي قاعدگي، گهڻي ننڊ نه ڪرڻ، بي خوابي، نارڪوليپسي، پوسٽ ٽراميٽڪ اسٽريس ڊي آرڊر (ڪنهن حادثي جو اثر) عام ڳڻتيون، خوف ۾ مبتلا رهڻ وارو مرض، هروڀرو جو ڀئو يا خانداني پسمنظر جي ڪري ٿيندي آهي.

اهو عمل ڪجهه سيڪنڊن کان ڪجهه منٽن تائين جو ٿي سگهي ٿو.

ان مرض کان بچڻ لاءِ سڀ کان پهريون صحتمند ننڊ جو شيڊيول ٺاهيو، ماني ڍئو ڪري کائي نه سمهڻ گهرجي، سمهڻ کان اڳ ڪيفين واريون شيون استعمال نه ڪيو، سڌا يا اونڌا نه پر دل وارو پاسو مٿي ۽ ساڄو پاسي کٽ طرف ڪري پاسيرا ٿي سمهو ته ان مان جند ڇٽل رهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.