2025 ۾ موڪلون ملهائڻ لاءِ دنيا جي بهترين سياحتي ماڳن ۾ پاڪستان جو هڪ علائقو به شامل ٿي ويو.
برطانوي اخبار فنانشل ٽائمز 2025 ۾ دنيا جي 50 بهترين سياحتي ماڳن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي، جنهن ۾ گلگت بلتستان کي به شامل ڪيو ويو آهي.
فنانشل ٽائمز موجب گلگت بلتستان ۾ دنيا جا سڀ کان شاندار جابلو منظر موجود آهن ۽ بهتر سيڪيورٽي، آسان ۽ بهتر رهائش جي سهولتن سبب سياح اتان جو رُخ ڪندا آهن.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪي نشرياتي اداري سي اين اين به گلگت بلتستان کي 2025 ۾ سياحت لاءِ دنيا جي 25 بهترين ماڳن جي فهرست ۾ شامل ڪيو هو.
You might also like