لنڊن (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينا واجد جي ڀاڻيجي ۽ برطانيا ۾ بدعنواني جي خاتمي واري وزير بنگلاديش ۾ ڪرپشن جي الزامن تي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ٽيولپ صديق برطانوي حڪومت ۾ فنانشل سروسز ۽ اينٽي ڪرپشن جي وزير هئي پر هن بنگلاديش ۾ جاري هڪ ڪرپشن اسڪينڊل ۾ ملوث هجڻ جي الزامن تي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
رپورٽ موجب شيخ حسينا واجد خلاف بنگلاديش ۾ مني لانڊرنگ بابت جاچ جاري آهي ۽ گذريل سال ڊسمبر ۾ ٽيولپ صديق جو نالو به جاچ ۾ سامهون آيو هو.
حسينا واجد جي خاندان تي ڍاڪا جي هڪ علائقي ۾ موجود قيمتي پلاٽن تي مبينا طور قبضي جا الزام آهن.
You might also like