نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست مڌيا پرديش جي شهر گواليئر ۾ پيءُ پسند پرڻي جي خواهشمند ڌيءُ کي شادي کان 4 ڏينهن اڳ قتل ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب ناري گهر وارن جي پسند بدران پنهنجي پسند جي شادي ڪرڻ پئي چاهي ۽ پيءُ 20 ورهين جي ڌيءَ کي پوليس ۽ پنچائت سامهون گولي هڻي ڇڏي.
رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ناري موت کان ڪجهه دير اڳ هڪ وڊيو رڪارڊ ڪري سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪئي هئي، جنهن ۾ هن چيو ته منهنجي شادي زبردستي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
ڇوڪريءَ وڊيو ۾ چيو ته مان وِڪي سان شادي ڪرڻ چاهيان ٿي، شروعات ۾ گهر وارا راضي ٿيا هئا پر پوءِ انهن انڪار ڪري ڇڏيو.
وڊيو ۾ ناري پنهنجي زندگي خطري ۾ هجڻ جو به ٻڌايو ۽ الزام هنيو ته گهر وارا تشدد ڪندا آهن.
وڊيو سامهون اچڻ کانپوءِ پوليس ۽ پنچائت جا ماڻهو معاملو حل ڪرڻ لاءِ ڇوڪريءَ جي گهر پهتا هئا، جتي پيءَ کيس گولي هڻي ماري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب مقتول ناري جي شادي 18 جنوري تي طئي هئي، واقعي کانپوءِ پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.
You might also like