گگلي ماسٽر عبدالقادر جو پٽ عثمان قادر مايوس ٿي پاڪستان ڇڏي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ليگ اسپنر عثمان قادر ڪرڪيٽ ۾ پنهنجي بهتر مستقبل لاءِ پاڪستان ڇڏي ٻئي ملڪ هليو ويو.
عثمان قادر آسٽريليا ۾ نيو سائوٿ ويلز ۾ رهائش اختيار ڪئي آهي ۽ هو سڊني ۾ هاڪسبري ڪلب طرفان کيڏي رهيو آهي.
ليگ اسپنر سائوٿ آسٽريليا جي نمائندگي ڪئي، جڏهن ته پرٿ ۽ ايڊيليڊ طرفان بي بي ايل به کيڏي، ان کانسواءِ عثمان قادر کي آسٽريليا جي پرائم منسٽر اليون طرفان به کيڏڻ جو اعزاز مليو.
هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته عثمان قادر گذريل سال آڪٽوبر ۾ مايوس ٿي پاڪستان ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ ورتي هئي.
ان حوالي سان ڪرڪيٽر جو چوڻ آهي ته ڪرڪيٽ ئي منهنجو روزگار آهي ۽ مستقبل جي پلان سان آسٽريليا آيو آهيان ۽ پراميد آهيان ته ڪرڪيٽ ۾ مون کي سٺا موقعا ملندا.
واضح رهي ته عثمان قادر پنهنجي مرحوم پيءُ عبدالقادر جي خواهش تي آسٽريليا ڇڏي پاڪستان آيو هو، ڇو ته عبدالقادر جي خواهش هئي ته پٽ پاڪستان جي نمائندگي ڪري.
عثمان قادر هڪ ون ڊي ۽ 25 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.