الله سان مضبوط تعلق آهي پر ظاهر ناهيان ڪندي: وينا ملڪ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا ۽ ماڊل وينا ملڪ چيو آهي ته مون کي ٽرولنگ دوران چيو ويندو آهي ته مان اسڪرٽ پائي ڇڏيو ته توبهه نٿي ڪري سگهان.
وينا ملڪ تازو هڪ نجي ٽي وي شو ۾ شريڪ ٿي، جتي هن ڪيترن ئي سوالن جا جواب ڏنا.
ڊريسنگ سبب تنقيد جي جواب ۾ وينا ملڪ چيو ته مان ظاهر ناهيان ڪندي پر منهنجو الله سان تعلق تمام مضبوط آهي، مون کي ٽرول ڪيو ويندو آهي ته توهان اسڪرٽ پاتو آهي ته هاڻ توبهه نٿا ڪري سگهو.
هن چيو ته ٽرولنگ تي مان پنهنجي مذهب کي پڙهيو، قرآن پاڪ کي پڙهيو، مان سڀني نوجوانن کي، ايتري تائين جو هر مذهب جي ماڻهن کي بس اهو ئي چونديس ته جيڪو شخص هڪ ڀيرو قرآن پاڪ پڙهي ته ان کي خبر پئجي ويندي آهي ته زندگي ڪيئن گذارڻي آهي، توهان سان ڪير برو ڪري ته توهان کي ڇا ڪرڻو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.