لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ن ليگ جي آفيس ساڙڻ جي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن سميت 31 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو.
لاهور ۾ ن ليگ جي آفيس ساڙڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ارشد جاويد ڪئي.
ڊاڪٽر ياسمين راشد، محمود الرشيد، عمر سرفراز، اعجاز چوڌري سميت ٻين کي جيل مان پيش ڪيو ويو، جڏهن ته صنم جاويد حاضري لاءِ پيش ٿي.
عدالت ياسمين راشد، عمر سرفراز چيما، اعجاز چوڌري، ميان محمود الرشيد، صنم جاويد سميت ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته سڀني جوابدارن ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ڪيس جي ٻڌڻي 23 جنوري تائين ملتوي ڪئي وئي، لاهور ۾ ن ليگ جي آفيس ساڙن بابت ڪيس تي وڌيڪ ڪارروائي ڪوٽ لکپت جيل ۾ ٿيندي.
واضح رهي ته جوابدارن خلاف گلبرگ ٿاڻي ۽ ماڊل ٽائون ٿاڻي جي پوليس ڪيس داخل ڪيا آهن، پي ٽي آءِ اڳواڻن تي بغاوت ۽ ڪارڪنن کي ڀڃ ڊاهه لاءِ اڪسائڻ جو الزام آهي.
You might also like