راولپنڊي (ويب ديسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ڀارتي آرمي چيف جي بيان تي سخت ردعمل ڏنو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي آرمي چيف جو پاڪستان کي دهشتگردي جو مرڪز قرار ڏيڻ حقيقتن جي ابتڙ آهي، جنرل آفيسر والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين تي انتهائي وحشياڻي جبر جي ذاتي طور نگراني ڪئي، ڀارت آرمي چيف جا ريمارڪس ڀارت جي والاريل ڪشمير ۾ ظلم تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش آهي.
آءِ ايس پي آر طرفان چيو ويو آهي ته اهو اندروني طور تي اقليتن تي جبر ۽ ڀارت جي عالمي جبر تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش آهي، اهڙا سياسي ۽ غلط بيان ڀارتي فوج جي سياست جي ور چڙهيل سوچ جي عڪاسي ڪن ٿا، پاڪستان اهڙن بي بنياد بيانن کي سختي سان رد ڪري ٿو.
You might also like