اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سويلينز جي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل خلاف اپيلن جي ٻڌڻي دوران آئيني بينچ سوال ڪيو ته اي پي ايس حملي وقت ڳٺ جوڙ ۽ آرمي ايڪٽ موجود هجڻ باوجود فوجي عدالت ۾ ٽرائل ڇو نه ٿيو؟ فوجي عدالت ۾ دهشتگردن جي ٽرائل لاءِ آئين ۾ ترميم ڇو ڪرڻي پئي؟
سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ سويلينز جي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل بابت فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ بچاءَ واري وزارت جي وڪيل خواجا حارث دليل پيش ڪيا.
خواجا حارث چيو ته ڏوهه جي نوعيت سان طئي ٿيندو آهي ته ٽرائل ڪٿي ٿيندو، جيڪڏهن سويلين جي ڏوهه جو واسطو آرمڊ فورسز سان هجي ته ٽرائل فوجي عدالت ۾ ٿيندو، ان تي جسٽس جمال مندوخيل چيو ته اسان نيت کي به ڏسي سگهون ٿا، ڏوهه ڪندڙ جو مقصد ڇا هو، ڇا اهو ڏوهه ملڪ جي مفاد خلاف هو؟
جسٽس جمال مندوخيل چيو هڪ سوال ڪيو ويو هو، جي ايڇ ڪيو تي حملي، ائير بيس ڪراچي تي حملي ڪيس فوجي عدالتن ۾ ڇو ناهي ويو؟ ان سوال جو جواب 21هين آئيني ترميم جي فيصلي ۾ موجود آهي، ان تي وڪيل جواب ڏنو ته 21هين ترميم ڪيس ۾ جي ايڇ ڪيو حملي، ائير بيس حملي، فوج تي حملي ۽ عبادتگاهن تي حملي جي تفصيل جو ذڪر آهي.
بچاءَ واري وزارت جي وڪيل چيو ته آرمي ايڪٽ تحت ڏوهه جو ڳٺ جوڙ هجي ته فوجي ٽرائل ٿيندو، فوجي عدالت ۾ ٽرائل آرمي ايڪٽ تحت ڏوهه جو ٿيندو آهي، ان تي جسٽس مندوخيل سوال ڪيو ته ڏوهه جي ڳٺ جوڙ مان ڇا مراد آهي؟ خواجا حارث جواب ڏنو ته ڳٺ جوڙ مان مراد آهي ڏوهه جو تعلق آرمي ايڪٽ سان آهي، جسٽس مندوخيل سوال ڪيو ته ڇا ڳٺ جوڙ سان ڏوهه ڪرڻ واري جي نيت به ڏٺي ويندي؟
جسٽس امين الدين چيو ته جوابدار ملٽري ٽرائل ۾ ڏوهه جي نيت نه هجڻ جو دفاع پيش ڪري سگهي ٿو، جسٽس مندوخيل چيو جوابدار چئي سگهي ٿو ته منهنجو اهو ڏوهه ڪرڻ جو ارادو نه هو.
جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏنا ته نيت جو جائزو ٽرائل دوران وٺي سگهجي ٿو، بچاءَ واري وزارت جي وڪيل چيو ته جيڪڏهن ڏوهه جو تعلق آرمي ايڪٽ سان آهي ته ٽرائل فوجي عدالت ۾ ٿيندو.
جسٽس جمال سوال ڪيو ته ڇا آرمي پبلڪ اسڪول سانحي ۾ ڳٺ جوڙ موجود هو؟ ان تي خواجا حارث جواب ڏنو ته اي پي ايس حملي وقت ڳٺ جوڙ بلڪل موجود هو، هڪ ڳٺ جوڙ يا تعلق ڪنهن فوجي آفيسر، ٻيو فوج سان لاڳاپيل ڏوهه سان هوندو آهي.
جسٽس جمال مندوخيل چيو ته اي پي ايس حملي وقت ڳٺ جوڙ ۽ آرمي ايڪٽ موجود هجڻ باوجود فوجي عدالت ۾ ٽرائل ڇو نه ٿيو؟ فوجي عدالت ۾ دهشتگردن جي ٽرائل لاءِ آئيني ترميم ڇو ڪرڻي پئي؟ ان تي وڪيل جواب ڏنو ته ترميم ۾ ڊسيپلين ۽ فرض انجام ڏيڻ کان هٽي ڪري به ڪيترائي ڏوهه شامل ڪيا ويا هئا.
جسٽس مندوخيل سوال ڪيو ته دهشتگرد گروپ يا مذهب جي نالي تي دهشتگردي جي ڪارروائين جو ٽرائل ڪٿي ٿيندو؟ وڪيل جواب ڏنو ته آرمي ايڪٽ تحت دهشتگرد گروپ يا مذهب جي نالي تي دهشتگردي جي واقعن تي فوجي عدالت ۾ ٽرائل ٿيندو، آئيني ترميم کان سواءِ به اهڙن ڏوهن جو فوجي عدالتن ۾ ٽرائل ٿي سگهي ٿو.
بعد ۾ آئيني بينچ عدالتي وقت ختم ٿيڻ سبب وڌيڪ ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي.
اي پي ايس حملي وقت ڳٺ جوڙ ۽ آرمي ايڪٽ هوندي فوجي عدالت ۾ ٽرائل ڇو نه ٿيو؟ آئيني بينچ
You might also like