ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن ملھيراڻي سولنگي شاخ جو جاکوڙي صدر فياض سولنگي گذريل ٽن ڏينهن کان گم آهي، جنهن جو اطلاع سندس وارثن حد جي پوليس کي به پڻ ڏنو پر پوليس هن مهل تائين فياض کي ڳولڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي.
سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن ”سگا“جي چيئرمين رفيق احمد جعفري، وائيس چيئرمين خالد حسين چنا، سيڪريٽري جنرل علي حسين بروهي، ڊپٽي سيڪريٽري جنرل بخش علي چانڊيو، سيڪريٽري اطلاعات احمد حسن پنهور، سيڪريٽري ثقافت شهاب الدين شاهاڻي پنهنجي هڪ پريس ريليز ۾ ان عمل جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته انتھائي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ھن وقت تائين پوليس ڪو به تحرڪ نه ورتو آهي.
هنن چيو ته فياض سولنگي ھڪ سماجي اڳواڻ ۽ هڪ پروفيشنل صحافي پڻ آھي، جنھن کي گم ٿئي ٽي ڏينهن گذري ويا آهن، پر پوليس سندس ڪو پتو لڳائي ناهي سگهي، ان لاءِ اسان وزير اعليٰ سنڌ، آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ٿا ڪريون ته جلد ڪوششون وٺي فياض سولنگي کي خير خيريت سان واپس ڪرايو وڃي.
You might also like