وفاقي ڪابينا اجلاس:14 آءِ پي پيز سان نون معاهدن جي منظوري سميت اهم فيصلا ڪيا ويا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا 14 آءِ پي پيز سان نظرثاني ٿيل معاهدن جي منظوري ڏئي ڇڏي، معاهدن سان حڪومت کي 1.4 کرب رپين جي بچت ٿيندي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 14 آءِ پي پيز سان نظرثاني ٿيل معاهدن جي منظوري ڏني وئي.
نظرثاني ٿيل معاهدن تحت، 14 آءِ پي پيز جي منافعي ۽ لاڳت ۾ 802 ارب رپيا لاٿ جي تجويز منظور ڪئي وئي.
پڌرائي موجب،گذريل سالن جي اضافي منافعي جي مد ۾ 35 ارب رپين جي ڪٽوتي ڪئي ويندي، نون معاهدن سان حڪومت کي مجموعي طور 1.4 کرب رپين جي بچت ٿيندي، جڏهن ته ساليانو 137 ارب رپين جي بچت جو فائدو واهپيدارن تائين پهچندو.
وزيراعظم شهباز شريف ان موقعي تي چيو ته آءِ پي پيز سان نظرثاني ٿيل معاهدا وڏي ڪاميابي آهن، جيڪي قومي خزاني جي بچت، گردشي قرض ختم ڪرڻ ۽ بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي ۾ مددگار ثابت ٿيندا.
وزيراعظم توانائي واري وزير ۽ پاور سيڪٽر جي ٽاسڪ فورس جي ميمبرن کي ڪامياب معاهدن تي ساراهيو.
پڌرائي موجب، توانائي واري وزير اويس لغاري جي سربراهيءَ ۾ ٽاسڪ فورس وڌيڪ 18 آءِ پي پيز سان معاهدن لاءِ تجويزون پيش ڪيون.
پاور ڊويزن موجب، معاهدن جي منظوري سان سان واهپيدارن کي ايندڙ سالن ۾ 922 ارب رپين جو فائدو ٿيندو.
پڌرائي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪابينا منشيات ٽوڙ ڊويزن کي گهرو وزارت ۽ هوابازي ڊويزن کي بچاءَ واري وزارت ۾ ضم ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.