ڪينسر کي دنيا ۾ موت جو ٻيو وڏو سبب سمجهيو ويندو آهي ۽ ان جا ڪيترائي قسم، جيئن ڦڦڙن ۽ آنڊن جي ڪينسر، سڀ کان وڌيڪ موت جو سبب بڻجن ٿا.
ڦڦڙن ۽ آنڊن جي ڪينسر تيزي سان دنيا ۾ پکڙجي رهيو آهي، خاص طور تي نوجوانن (50 سالن کان گهٽ عمر) واري ماڻهن ۾ ان جو اثر وڌيڪ ڏٺو پيو وڃي.
هاڻي ماهرن ان ڪينسر جي قسم جي پکڙجڻ جي هڪ اهم سبب جو ڳولي ورتو آهي.
هڪ نئين تحقيق ۾ پلاسٽڪ جي ننڍڙن ذرڙن کي ڦڦڙن ۽ آنڊن جي ڪينسر سان جوڙيو ويو آهي.
ڪيليفورنيا يونيورسٽي جي تحقيق ۾ ماضي ۾ ٿيل 3,000 تحقيقاتي رپورٽن جا تفصيلي تجزيا ڪيا ويا.
هيءَ تازي تحقيق ڪوئن ۽ انسانن تي ڪئي وئي هئي ۽ ان ۾ اهو ڏٺو ويو هو ته پلاسٽڪ جي ننڍڙن ذرڙن جو هاضمي واري نظام، تنفس واري نظام ۽ واڌ ويجهه واري صحت تي ڪهڙو اثر پوندو آهي.
هن نئين تحقيق ۾ سڀني تحقيقاتي رپورٽن جا تجزيا ڪيا ويا ۽ هوا ۾ موجود پلاسٽڪ جي ننڍڙن ذرڙن ۽ مختلف بيمارين جي وچ ۾ تعلق معلوم ڪيو ويو.
تحقيق موجب هوا ۾ موجود پلاسٽڪ جي ننڍڙن ذرڙن سان بي اولادي، آنتن جي ڪينسر، ڦڦڙن جي ڪمزوري ۽ سوڄ جهڙن صحت جي مسئلن جو خطرو وڌي ٿو.
تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته اهي ننڍڙا ذرڙا ڦڦڙن جي ٽشوز ۾ داخل ٿي وڃن ٿا ۽ هڪ اهڙو ماحول پيدا ڪن ٿا جيڪو ڊي اين اي کي نقصان پهچائي ٿو ۽ سيلن ۾ تبديليون آڻيندو آهي.
اهڙا ٻئي عنصر ڪينسر جو سبب بڻجڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.
ماهرن ٻڌايو آهي ته جڏهن اهي ذرا ساهه ذريعي جسم ۾ وڃن ٿا ته اهي ڦڦڙن جي گهرائي ۾ جذب ٿي وڃن ٿا، جتي اهي دائمي سوڄ ۽ آڪسيڊيٽو دٻاءُ پيدا ڪن ٿا.
ان کانپوءِ انهن چيو ته ان نتيجي ۾ ڦڦڙن جي ڪينسر جو خطرو وڌي وڃي ٿو.
پلاسٽڪ جا اهي ذرڙا هاضمي واري نظام لاءِ پڻ تباهه ڪندڙ ثابت ٿين ٿا ڇو ته اهي معدي ۾ موجود صحت مند بيڪٽيريا تي اثرانداز ٿين ٿا، سوڄ کي متحرڪ ڪن ٿا ۽ آنڊن جي ڪينسر جو خطرو وڌائين ٿا.
ان کانسواءِ پلاسٽڪ ۾ موجود مختلف ڪيميائي مواد ڪينسرن جي ڦهلاءَ کي تيز ڪري ٿو.
هن تحقيق جا نتيجا "جرنل انوائرمنٽل سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي” ۾ ڇپيا آهن.