اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اميد آهي ڪُرم ۾ سڀ اسٽيڪ هولڊر گڏجي امن قائم ڪندا.
وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته تعليمي شعبي ۾ صوبن جو اهم ڪردار آهي، وفاق کي صوبن سان گڏجي تعليمي ميدان ۾ چئلينجز کي منهن ڏيڻ گهرجي.
هن چيو ته پي آءِ اي جي يورپ لاءِ فلائيٽ آپريشن بحال ٿيڻ ڪاميابي آهي، گذريل حڪومت جي هڪ وزير جي تقرير جا تباهه ڪندڙ نتيجا سامهون آيا، شڪر آهي جيڪي پابنديون لڳيون هيون سي ختم ٿيون ۽ اميد آهي جلد لنڊن لاءِ اُڏامون شروع ٿينديون.
شهباز شريف جو چوڻ هو ته ضلع ڪرم ۾ حالتون نارمل ٿي رهيون آهن، امن معاهدي بعد مورچا ڊاهيا پيا وڃن، خوراڪ ۽ دوائن جي سپلاءِ به پهچائي پئي وڃي، اميد آهي ته سڀ اسٽيڪ هولڊر گڏجي امن يقيني بڻائيندا.
وزيراعظم وڌيڪ چيو ته فتنه الخوارج خلاف ڏينهن رات ڪارروايون ٿي رهيون آهن ۽ اميد آهي ته انهن ڪاررواين جي نتيجي ۾ فتنه الخوارج مڪمل طور ختم ٿي ويندي.
You might also like