اسلام آباد(م ڊ)اڳوڻي سينيٽر ۽ سياستدان مصطفيٰ نواز کوکر جو چوڻ آهي ته عمران خان جي ڪيس ۾ کل جوڳي طريقي سان فيصلي جي تاريخ تبديل ٿي رهي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته الحمدلله پاڪستان جو عدالتي نظام انصاف ۽ غير جانبداري سان ڀريو پيو آهي ڪو عقل کان عاري شخص ئي هوندو جيڪو هاڻي ان فيصلي کي هڪ غيرجانبدار عدالتي فيصلو مڃيندو،سينيئر صحافي حامد مير چيو آهي ته اڳوڻو وزيراعظم عمران خان هن وقت جيل ۾ آهي، اهو چوڻ ته هو عدالت ۾ پيش نه ٿيو هو، ان ڪري عدالت جي فيصلي ۾ ٽيون ڀيرو دير ڪرڻ جي ذميواري قيدي تي وجهڻ ڪمزور تعبير آهي،صحافي مطيع الله جان جو چوڻ آهي ته هن غريب جج جنهن ٽيون ڀيرو پنهنجي فيصلي جي اعلان ۾ دير ڪئي آهي، چيف جسٽس آف پاڪستان کي اڊيالاجيل وڃي جج ناصر جاويد رانا کي به ٿورو حوصلو ڏيڻ گهرجي