ادارا پنهنجي ذميواري نڀائڻ ۾ ناڪام ڇو؟

تحرير: اياز لطيف دايو

سنڌي ۽ انگريزي صحافت سان گڏ سنڌي ٻولي ۽ ادب تي ترقي پسند فڪر جا اڻمٽ نقش ڇڏيندڙ برک ليکڪ ۽ شاعر انور پيرزادي جي المناڪ وڇوڙي کي جيتوڻيڪ سترهن ورهين جو عرصو گذري چڪو آهي پر ائين محسوس ٿئي ٿو ته هو ڪالهه اسان کي مارڳ ۾ اڪيلو ڇڏي ويو آهي،تاريخ جا اهي عظيم ماڻهو وڏا خوشنصيب هوندا آهن، جن جي اولاد سندن آدرشي سفر جي واٽ تي روان دوان هوندي آهي، انور پيرزادو ته انهيءَ حساب سان تمام وڏو خوشنصيب ماڻهو آهي جو سندس فيملي کانسواءِ پورو خاندان بلڪه سندس جنم ڀومي ٻلهڙيجي جا نوجوان، عورتون، مٽ مائٽ، دوست احباب سندس شاندار رستي تي گامزن آهن.

سندس وڇوڙي جي ڏهاڙي انور پيرزادو اڪيڊمي جي طرفان پريس ڪلب ڪراچي ۾ شاندار پروگرام ٿي گذريو، جنهن ۾ سنڌ جي ناليواري علمي، ادبي ۽ فڪري شخصيت اعجاز قريشي، اردو جي برک شاعر حارث خليق، بي بي سي جي ناليواري نوجوان صحافي جاويد سومرو،اردو جي صحافي ۽ ليکڪا مهناز رحمان، ڊاڪٽر ڪريم خواجه، ناليواري ليکڪ ۽ دانشور ذوالفقار هاليپوٽي، ناليواري صحافي مظهر عباس،روزاني سنڌ جي ايڊيٽر مهيش ڪمار، مشهور صحافي عاجز جمالي سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي آڊيٽر اياز لطيف دايو ۽ ٻين انور پيرزادي جي شخصيت جي مختلف پاسن ۽ فڪري جاکوڙ تي شاندار نموني ڳالهايو،انهيءَ کان علاوهه سنڌ جي ناليوارن ماڻهن جي پروگرام ۾ بهترين شرڪت رهي پروگرام جو ماڊريٽر نوجوان شاعر امر پيرزادو هيو، جڏهن ته سندس فرزندن زرار پيرزادو ۽ زيد پيرزادو جو ڪردار به شاندار آهي، جيڪي پنهنجي عملي، ادبي ۽ صحافتي کيتر ۾ منفرد نالا آهن، انهن جو ڪم به ڳڻپ ۾ اچي ٿو،انور پيرزادي جي انهن فرزندن کي جس هجي جن پنهنجي والد جي پورهئي جي تسلسل کي نه صرف جاري رکيو آهي پر انهيءَ سان گڏ انهن سندس وڇوڙي کان ستت ئي پوءِ انور پيرزادو اڪيڊمي جو قيام عمل ۾ آندو ۽ هن وقت تائين اڪيڊمي  ڪتاب ڇپائي چڪي آهي. امر پيرزادي ڪتاب بابا وڏي محنت ۽ جانفشاني سان لکيو، جنهن جي بيڪ ٽائيٽل تي محمد علي پٺاڻ پنهنجي محبوب دوست انور پيرزادي جي علمي سوانح عمري جو نالو ڏنو، هن لکيو آهي ته انھي ڪتاب لکڻ ۾ امر جي ڪيترين ئي راتين جا اوجاڳا شامل آهن، جنهن ۾ انور پيرزادي جي هر شعبي ۾ ڪيل ڪم جو تمام گهڻي گهرائي سان جائزو ورتو ويو آهي، انهيءَ ڪتاب کي مون پڙهيو آهي، جنهن ۾ 32 چيپٽر آهن ۽ پهرين چيپٽر ابتدائي زندگي، خانداني پس منظر ۽ تعليمي سفر ۽ روزگار کان وٺي آخري چيپٽر ڪينسر جي بيماري کي بهادري سان منهن ڏيڻ تائين هر چيپٽر ۾ جيڪي ڪيفيتون بيان ڪيل آهن، انهن کي انور جا عاشق دل جي گهري پاتال سان محسوس ڪري سگهن ٿا.

انور پيرزادي ۽ فقير محمد لاشاري، جن جي وڇوڙي کي سنڌي سماج قبول نه ڪري سگهيو آهي، اهي ٻه ماڻهو سنڌ جي ڪائنات جي وشال باغيچي جا رابيل هئا جن پنهنجي شعوري زندگي ۾ پير پائڻ بعد هڪڙو ڏينهن به ضايع نه ڪيو پر انهن جي علمي، ادبي ،صحافتي ۽ فڪري جاکوڙ صدين تائين جرڪندي رهندي، انهيءَ ڪتاب بابا جي مهاڳ ۾ حسن مجتبيٰ لکيو آهي ته مون کي اهو آئيڊيا ڪڏهن ڪو نه وڻيو آهي ته اولاد يا والدين سندن سيلبرٽي يا مشهور شخصيت والدين يا والدين سندن سيلبرٽي اولاد بابت ڪتاب لکن، پوءِ ڀلي ارنيسٽ هيمنگوي يا عاصما جهانگير يا فيض احمد فيض يا ذوالفقار علي ڀٽي جون ڌيئر يا شيخ اياز يا رسول بخش پليجي جا پٽ ئي ڇو نه هجن، ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان نه ته والدين يا اولاد جن تي ڪتاب لکيو پيو وڃي، سان انصاف ٿي سگهندو، نه وري پڙهندڙن سان، حسن جي انهن لفظن سان اختلاف رکڻ هر ڪنهن جو جمهوري حق آهي پر مان سمجهان ٿو ته هو انهي حوالي سان بلڪل صحيح آهي، ڇاڪاڻ ته تاريخ جا وڏا ماڻهو صرف گهر ڀاتين جي ميراث ناهن هوندا، انهن جو ڪردار، پورهيو ۽ جاکوڙ سموري سماج جو عڪس ۽ آئينو هوندي آهي، انهن جي شخصيت کي نه صرف وڇڙي وڃڻ بعد به پر انهن جي حياتي ۾ ئي مانائتو مرتبو ملڻ گهرجي، اهو ڪم انهن ادارن کي ڪرڻ گهرجي، جن جو قيام انهيءَ مقصد جي لاءِ هوندو آهي، جن وٽ هر سال ڪروڙين روپين جي بجيٽ رکي ويندي آهي، انهيءَ بجيٽ کي استعمال ڪرڻ جي لاءِ سڀني ساڃهه وندن جي آڏو جوابده هوندا آهن، پر اسان جي سنڌي سماج جو اهو تمام وڏو الميو آهي ته ادارن تي اهي فرد قابض آهن جيڪي مخصوص سوچ جي نمائندگي ڪندا آهن، انهن کي آزادي سان ڪم ڪرڻ جو اختيار نه هوندو آهي، انهن کي خبر هوندي آهي ڪهڙي عمل سان انهن جي ڪرسي خطري ۾ اچي سگهي ٿي، تنهنڪري هو انور پيرزادي جهڙن گيڙو ويس جهڙن ماڻهن جي فڪري پورهئي کي ڇپرائڻ ته پري رهيو پر انهن جي ياد ۾ ڀلجي ڪڏهن ڪو پروگرام به نه ڪندا آهن، انهن ادارن جو مختصر جائزو وٺڻ گهرجي ته اهي آخر ڪهڙي مرض جي دوا آهن،

جيڪڏهن ڏسجي ته هن وقت سنڌي لينگوئج اٿارٽي، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌالاجي، سنڌ ثقافت، آرٽس ڪائونسلن ۽ ٻين اهڙن ئي ادارن جو ڪهڙو ڪارج آهي، سنڌ جي ماڻهن جي ٽيڪس مان انهن ادارن کي ڪروڙن جي بجيٽ ملندي آهي ته انهن ادارن کان سنڌ جا ساڃهه وند پڇڻ جو حق ڇو نٿا رکن ته جيئن انهن ادارن ۾ ڪو سڌارو اچي سگهي، حيرت جي ڳالهه آهي ته من پسند ماڻهن کي پرڏيهي دورن تي به اهڙي بجيٽ جي پيسن مان روانو ڪيو ويندو آهي، انهن کاتن جي ڪامورن کي انهيءَ سان ڪو سروڪار ناهي ته اها رقم ڪيئن خرچ ٿي رهي آهي، انهن کي ته صرف پنهنجي حصي پتي سان دلچسپي هوندي آهي، اگر ڪو ڪامورو ٿورو گهڻو ڪڇڻ جي همت ڪندو آهي ته وري ٻين جي قطار لڳي پئي هوندي آهي، جن جي سکيا صرف جي حضوري وارن ادارن مان ٿيل هوندي آهي.

اهڙي صورتحال ۾ ڏسڻ گهرجي ته انور پيرزادي جي اولاد ۽ انهي جهڙا فرد پنهنجي فيملي پاران اڪيڊمي جوڙي عظيم ورثي جي مالڪي نه ڪن ته ڪيڏو وڏو الميو ٿي سگهي ٿو،ڌرتي جي لکين ماڻهن کي اها ابدي اڃ هوندي آهي ته اهڙن جاکوڙي ماڻهن جو آدرشي پورهيو انهن جي سامهون اچي، تنهنڪري انهن ادارن پاران جڏهن پنهنجو قبلو درست ڪيو ويندو ته شايد سنڌ جا اهڙا جينئس ماڻهو جيئري يا وڇڙي وڃڻ بعد پنهنجو مرتبو حاصل ڪري سگهندا، هاڻي به وقت ويو ناهي ته انور پيرزادي جي آدرشي ڪردار جي لاءِ اهي ادارا سنجيده ٿين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.