”واهه واهه گهوٽ تنهنجي لئي“ شادي ۾ پاڪستاني ۽ پرڏيهي ڪرنسي جي برسات

سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) سيالڪوٽ جي علائقي سمبڙيال جي رهواسي سمنڊ پار پاڪستاني جي شادي ۾ پاڪستاني ۽ پرڏيهي ڪرنسي جي برسات ڪئي وئي.
ڄڃ ڳوٺ مان نڪتي ته گهوٽ جي ڀائرن ۽ دوستن نوٽ هوا ۾ اڇلايا، ڄڃ شادي هال پهچڻ تي به ملڪي ۽ پرڏيهي ڪرنسي جي برسات ڪئي وئي.
نوٽن جي برسات لاءِ شادي هال ۾ هڪ خصوصي ڪنٽينر جو انتظام به ڪيو ويو هو.
اٽلي مان آيل گهوٽ ۽ اسپين ۽ ڪينيڊا مان آيل سندس ڀائرن نوٽ اڇلايا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.